خيبرپختونخواهه ۾ اڄ طوفاني برسات جي اڳڪٿي
خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ اڄ طوفاني برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. چترال، دير، سوات، شانگلا، ڪوهستان، مانسهره، ايبٽ آباد، بٽگرام، بونير، ڪرم، باجوڙ ۽ مهمند ۾ اڄ به تيز هوائن ۽ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. گذريل ڏينهن خيبرپختونخواهه جي ڪيترن ئي شهرن ۾ تيز برسات پئي، جن ۾ باجوڙ، مردان، مالاڪنڊ، لوئر دير، مانسهره، خيبر، سوات ۽ ڪوهاٽ شامل آهن