تازه ترين
 ڪا به غلطي اسان کي انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿي، آمريڪي ڌمڪين تي ايران جو رد عمل

آمريڪي ڌمڪين تي رد عمل ڏيندي ايران چيو آهي ته ڪا به غلطي اسان کي انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿي،ايراني سپريم ليڊر جي صلاحڪار علي لاريجاني ايراني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايران ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ ڏانهن ناهي وڌي رهيو پر ايران تي حملو ٿيو ته هٿيار حاصل ڪرڻ کانسواءِ ٻي واٽ نه هوندي، ڪا به غلطي ايران کي پنهنجي دفاع تي مجبور ڪري سگهي ٿي،ايران کي هر صورت ۾ پنهنجو دفاع يقيني بڻائڻو پوندو

خبرون