تازه ترين
بالي ووڊ جو ليجنڊري اداڪار منوج ڪمار 87 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب ناليواري اداڪار منوج ڪمار کي طبيعت خراب ٿيڻ سبب ممبئي جي ڌيروڀائي امباڻي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي دل سان لاڳاپيل پيچيدگين جي ڪري جمعي جي صبح هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو۔ ميڊيا رپورٽن مطابق ڊاڪٽرن پاران جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ ۾ ڦڦڙن جي خرابي کي به موت جو سبب ٻڌايو ويو آهي۔ اداڪار جي لاڏاڻي تي فلم انڊسٽري سميت ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي به گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي۔ واضح رهي ته اداڪار منوج ڪمار پاڪستان جي صوبي خيبر پختونخواھ جي علائقي ايبٽ آباد ۾ 4 جولاءِ 1937 تي پيدا ٿيو هو ۽ ورهاڱي کان پوءِ سندس ڪٽنب ڀارت منتقل ٿي ويو هو۔ هن 1957 ۾ بالي ووڊ جي فلم "فيشن" سان پنهنجي ڪيريئر جو آغاز ڪيو، جڏهن ته 1965 ۾ سندس فلم "گمنام" ايتري هٽ ٿي جو باڪس آفيس تي رڪارڊ بزنس ڪندي 2.6 ڪروڙ رپيا ڪمائي ورتا۔ ان کانسواء منوج ڪمار 1975 ۾ پنهنجي فلم "روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان" لاءِ فلم فيئر اوارڊز ۾ بهترين هدايتڪار جو اعزاز به حاصل ڪيو هو ۽ هو سياسي طور ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) سان به لاڳاپيل رهيو۔ منوج ڪمار کي ڀارتي فلم انڊسٽري جي نامور اداڪارن مان هڪ مڃيو ويندو هو، ۽ کيس ڀارت جي سڀ کان نوڏي شهري اعزاز "پدما شري" ۽ ڀارتي سينما جي سڀ کان وڏي اعزاز "دادا صاحب ڦالڪي ايوارڊ" سان به نوازيو ويو هو

خبرون