پهرين ون ڊي مئچ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي 73 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي
پهرين ون ڊي مئچ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي 73 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، نيپيئر جي ميدان تي کيڏيل مئچ ۾ ميزبان ٽيم ، 345 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، مهمان ٽيم 271 رنسن تي ڍير ٿي وئي، نيوزيلينڊ طرفان ناٿن سمٿ 4 وڪيٽون حاصل ڪيون، جيڪب ڊفي 2، ول روڪ، مچل بريسويل ۽ محمد عباس هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، بابر اعظم 78، سلمان آغا 58، عبدالله شفيق 36، عثمان خان 38 ۽ محمد رضوان 30 رنسون ٺاهيون، نيوزيلينڊ جو مارڪ چيمپين 132 رنسن جي شاندار اننگز تي مين آف دي مئچ قرار، ڊيريئل مچل 76، محمد عباس 52 رنسون ٺاهيون