تازه ترين
راڌڻ: موري ٽٽل هجڻ سبب موٽرسائيڪل سوارن سان حادثو، 3 ڄڻا زخمي

راڌڻ: موري ٽٽل هجڻ سبب موٽرسائيڪل سوارن سان حادثو، 3 ڄڻا زخمي راڌڻ ويجهو ٽٽل موري ۾ موٽرسائيڪل ڪرڻ سبب ڳوٺ سيھڙ اسٽيشن جا ٽي نوجوان ذيشان ڪولاچي، آفتاب چنو، ۽ رفيق چانڊيو سخت زخمي ٿي پيا. زخمين کي فوري طور راڌڻ جي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٽٽل موري ۽ خراب روڊ سبب اهڙا حادثا معمول بڻجي ويا آهن، پر لاڳاپيل اختيارين تحرڪ ناهي ورتو.

خبرون