تازه ترين
سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي مجموعي طور کوٽ 48 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي

سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي مجموعي طور کوٽ 48 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي . سکر بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 62 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي ، سکر بئراج جو مٿانهون وهڪرو 17 هزار 60 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 6 هزار 200 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو . گڊو بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 20 هزار 615 ۽ هيٺانهون وهڪرو 17 هزار 180 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو . ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 4 هزار 908 ڪيوسڪ ۽ ڊائون اسٽريم ۾ رڳو 198 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو. سکر بئراج مان نڪرندڙ دادو ڪئنال ۾ پاڻي 400 ڪيوسڪ ڇوڙ ڪيو ويو ، پاڻي کوٽ 87 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي نارا ڪئنال پاڻي جي فراهمي3900 ڪيوسڪ ڪئي وئي جڏھن ته پاڻي کوٽ 53 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي. روھڙي ڪئنالن ۾ پاڻي کوٽ 66 سيڪڙو فراهمي ڪئي وئي 3900 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي وئي ، خيرپور ايسٽ ۾ پاڻي کوٽ 47 پاڻي جي فراھمي 800 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪئي وئي. خيرپور ويسٽ ۾ 43 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ 760 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو ، رائس ڪينال ۾ پاڻي جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي . گڊو بئراج وٽ مٿانھين وهڪري۾ پاڻي 20 ھزار 615 ڪيوسڪ ، ھيٺانھين وھڪري ۾ 17 ھزار 180 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو. گڊو بئراج مان نڪرندڙ ڊيزرٽ پٽ فيڊر ڪئنال ۾ 1891 پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو جڏھن ته پاڻي کوٽ 69 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي ،گهوٽڪي فيڊر ڪئنال 1544ڪيوسڪ ڇوڙ ڪيو ويو جڏھن ته پاڻي کوٽ 32 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي . بيگاري ۽ ريڻي ڪئنال ۾ پاڻي جي فراھمي بند ڪئي وئي ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي مٿاھين وھڪري ۾ 4ھزار 908ڪيوسڪ جڏهن ته ڊائون ۾ رڳو 198ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي، اھڙي طرح ڪوٽڙي بئراج وٽ ڪلري بگھار ڪئنال ۾ 2100 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو جڏھن ته پاڻي جي کوٽ 15 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي. اڪرم واھ ۾ 800 ڪيوسڪ ڇوڙ ۽ کوٽ 64 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي ، پراڻي ۽ نئين ڦليلي واھ ۾ به مجموعي طور تي پاڻي جي کوٽ سبب ڪينالن کي پاڻي جي فراهمي بند ڪئي وئي آھي

خبرون