تازه ترين
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ جمعته الوداع جي موقعي تي مسلمان فلسطينين سان ايڪي جي اظهار لاءِ اڄ يوم القدس ملهائي رهيا آهن،

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ جمعته الوداع جي موقعي تي مسلمان فلسطينين سان ايڪي جي اظهار لاءِ اڄ يوم القدس ملهائي رهيا آهن، سنڌ ۾ به پهرئين قبلي جي آزادي جي حق ۾ ريليون ڪڍيون ويون،مظلوم فلسطينين جي حمايت ۾ تقريبون منعقد ڪيون ويون نوشهري فيروز، خيرپور، قبوسعيد خان، سڪرنڊ، قاضي احمد، باڊهه،مورو، نصيرآباد، راڌڻ، موهن جو دڙو، ٻڍو قمبراڻي، جاتي ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا خيرپور ۾ يوم القدس جي موقعي تي شيعا علماءِ ڪائونسل ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن طرفان ڌار ڌار ريليون ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو شيعه علماءِ ڪائونسل جي ريلي مطهر زيدي، علامه محسن علي نقوي، ظهور حسين روحاني ۽ علي عظمت بلوچ جي اڳواڻي ۾ امام بارگاهه قصر حسيني کان ڪڍي وئي، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن طرفان سيد جعفر علي شاهه جي اڳواڻي ۾ ڊسٽرڪٽ بار کان ريلي ڪڍي وئي

خبرون