سنڌ حڪومت سي سي آءِ جو اجلاس گهـُرائڻ لاءِ باضابطه طور درخواست ڪري ڇڏي
سنڌ حڪومت سي سي آءِ جو اجلاس گهـُرائڻ لاءِ باضابطه طور درخواست ڪري ڇڏي بين الصوبائي رابطن واري کاتي وفاقي بين الصوبائي رابطن واري وزارت کي خط لکي ڇڏيو. خط ۾ سي سي آءِ جو اجلاس جلد گهرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. خط جي متن موجب آئين جي آرٽيڪل 154ٿري تحت سي سي آءِ جو اجلاس هر 3 مهينن بعد گهرائڻ لازمي هوندو آهي. خط موجب سي سي آءِ جو 51 هون اجلاس 29 جنوري 2024 تي ٿيو هو، 52 هون اجلاس 20 جولاءِ 2024 تي ٿيڻو هو جيڪو ملتوي ٿي ويو هو، پر نئين تاريخ مقرر نه ڪئي وئي، جنهن سبب بين الصوبائي معاملن تي ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي. خط ۾ چيو ويو آهي ته صوبن وچ ۾ پيدا ٿيل مسئلن ۾ توانائي جي ورڇ جا خدشا، پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ۽ معاشي سهڪار شامل آهن، ، سي سي آءِ جو اجلاس فوري طور طلب ڪيو وڃي ته جيئن دير جو شڪار بڻيل مسئلا جلد حل ٿي سگهن