تازه ترين
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اين آءِ سي وي ڊي جي بورڊ جو اجلاس

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اين آءِ سي وي ڊي جي بورڊ جو اجلاس ٿيو. صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، اسيمبلي ميمبرن سعديه جاويد، رخسانه پروين، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ، پروفيسر شاهد سميع، مشتاق ڇپرا، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر طاهر صغير ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيوته اين آءِ سي وي ڊي سنڌ حڪومت جي بهترين اسپتالن مان هڪ آهي، جنهن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته سال 2024 ۾، اين آءِ سي وي ڊي ۾ 13 لک 87 هزار 584 مريضن جو علاج ڪيو ويو. مراد علي شاهه چيو ته نئون او پي ڊي بلاڪ هڪ ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته هن سال اين آءِ سي وي ڊي ۽ ايس آءِ سي وي ڊي جي بجيٽ 20 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. وڏي وزير چيو ته اين آءِ سي وي ڊي ۽ ايس آءِ سي وي ڊي کي ضم ڪيو وڃي، ضم ٿيڻ سان نه رڳو فنڊن جي کوٽ پوري ٿيندي، پر فنڊز هي بچت ٿيندي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته اين آءِ سي وي ڊي ۾ ٻارن لاءِ 300 بسترن واري يونٽ جي ھڪڙي منزل کي ھن سال مڪمل ڪيو وڃي ۽ فعال ڪيو وڃي. مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته اين آءِ سي وي ڊي جو نئون او پي ڊي بلاڪ جولاءِ يا آگسٽ 2025 تائين مڪمل ڪيو وڃي

خبرون