سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ سوڪھڙي جو الرٽ جاري
سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ سوڪھڙي جو الرٽ جاري، موسميات کاتي موجب سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ سوڪھڙي واري صورتحال برقرار رھندي، سنڌ ۾ پڊعيدن، شھيد بينظير آباد، دادو، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، خيرپور، حيدرآباد ۾ سوڪھڙي جو امڪان، ٺٽو، بدين، ڪراچي، گھوٽڪي، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، سکر، خيرپور ۽ سانگھڙ ۾ به سوڪھڙو ٿي سگهي ٿو، موسميات کاتي موجب برسات جو گھٽ پوڻ ۽ وڌندڙ گرمي پد سبب ايندڙ مھينن ۾ سوڪھڙي جو امڪان آھي