تازه ترين
عالمي مالياتي فنڊ، ملڪيت جي ڏيتي ليتي جي ٽيڪس شرح گهٽائڻ کان انڪار ڪري ڇڏي

عالمي مالياتي فنڊ، ملڪيت جي ڏيتي ليتي جي ٽيڪس شرح گهٽائڻ کان انڪار ڪندي ايف بي آر جي درخواست رد ڪري ڇڏي، پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي سربراهه ماهر بنچيءَ جو چوڻ آهي ته مارچ 2025ع جا ٽارگيٽ گهٽ ڪرڻ تي به اتفاق نه ڪيو آهي، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف اسٽاف ليول معاهدي ڏانهن وڌي رهيا آهن پر پاڪستان کي آءِ ايم ايف کي لکت ۾ خاطري ڪرائڻي پوندي ته جيئن صوبا ڪڻڪ جي خريداري ۾ مداخلت نه ڪندا

خبرون