پي ايس ايل 10 ڪڏهن شروع ٿيندو ؟ شيڊول سامهون اچي ويو
ايڇ بي ايل پي ايس ايل 10 ڪڏهن ۽ ميچون ڪٿي کڏيون وينديون شيڊيول سامهون اچي ويو پي ايس ايل 10 ايڊيشن 11 اپريل کان شروع ٿيندو، ايونٽ جي نمائشي ميچ 8 اپريل تي پشاور ۾ کيڏي ويندي. دفاعي چيمپيئن اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ٻه ڀيرا جي چيمپيئن لاهور قلندرز وچ ۾ افتتاحي ميچ 11 اپريل کان راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. 6 ٽيمن جي ٽورنامينٽ ۾ 11 اپريل کان 18 مئي تائين 34 ميچون کيڏيون وينديون. لاهور جو قذافي اسٽيڊيم 13 ميچن جي ميزباني ڪندو، ايونٽ جو فائنل 18 مئي تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيو ويندو. راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم 13 مئي تي ڪواليفائر ون سميت 11 ميچن جي ميزباني ڪندو. ڪراچي جو نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۽ ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم 5، 5 ميچن جي ميزباني ڪندو.