چيمپيئنز ٽرافي: اڄ انگلينڊ ۽ افغانستان وچ ۾ مقابلو ٿيندو
چيمپيئنز ٽرافي ۾ اڄ انگلينڊ ۽ افغانستان جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون، اهم ميچ قذافي اسٽيڊيم ۾ 2 وڳي شروع ٿيندي. اڄوڪي ميچ ٻنهي ٽيمن جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ انتهائي اهم آهي، ٻنهي ٽيمن قذافي اسٽيڊيم ۾ بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ جي مشق ڪئي. افغان ڪپتان حشمت الله شاهدي چيو آهي ته انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم دنيا جي بهترين ٽيمن مان هڪ آهي، مثبت سوچ سان ڪرڪيٽ کيڏنداسين، اميد آهي ته اسپنرز جي سپورٽ ملي. انگلينڊ جي ڪپتان جوز بٽلر چيو ته افغانستان وٽ سٺا اسپنر آهن، اسان وٽ معياري فاسٽ بالر آهن، هو ميچ ۾ سٺو پرفارم ڪندا.