ملڪا ڪوهسار ۽ آزاد ڪشمير ۾ برفباري، ٿڌ جي شدت ۾ اضافو
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي رهي، گلگت بلتستان ۾ به سخت ٿڌ محسوس ڪئي وئي، ملڪا ڪوهسار ۽ آزاد ڪشمير جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برفباري، ٿڌ جي شدت ۾ اضافو ،ليه ۾ گرمي پد ڪاٽو 12، اسڪردو ۾ 10 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، مري ۾ برفباري موسم کي خوبصورت بڻائي ڇڏيو، بلوچستان ۾ به سخت سردي محسوس ڪئي وئي، ڪوئيٽا ۾ گرمي پد ڪاٽو ٻه رڪارڊ ڪيو ويو، عبدالله فورٽ ۾ به برفباري، سنڌ ۽ پنجاب سميت خيبرپختونخوا ۾ به ڪوهيڙو ڇانيل رهڻ جو انديشو، مختلف هنڌن تي ڪوهيڙي سبب موٽرويز کي بند رکيو ويو