ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٿڌ ۾ اضافو،اسڪردو ۾ گرمي پد ڪاٽو يارنهن ڊگري رڪارڊ
ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٿڌ ۾ اضافو، موسميات جي عالمي ويب سائيٽ موجب، اسڪردو ۾ گرمي پد ڪاٽو يارنهن ڊگري سينٽي گريڊ ۽ زيارت ۾ ڪاٽو 5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ،قلات ۾ گرمي پد ڪاٽو 4 ڊگري سينٽي گريڊ، ڪوئيٽا ۾ ڪاٽو 3 ، اسلام آباد ۽ پشاور ۾ 6 ڊگري سينٽي گريڊ، لاهور ۾ 9 ۽ ڪراچي ۾ 11 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪشمير، گلگت بلتستان، اتر اوڀر پنجاب، مٿانهين خيبرپختونخواهه، مري، گليات ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات جو امڪان آهي