تازه ترين
اپوزيشن ليڊر عمر ايوب جڊيشل ڪميشن جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اپوزيشن ليڊر عمر ايوب جڊيشل ڪميشن جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، قومي اسيمبلي ۾اپوزيشن ليڊر عمر ايوب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي خط لکي ڇڏيو، خط ۾عمر ايوب جو چوڻ آهي ته جڊيشل ڪميشن جي ميمبر جي حيثيت سان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان، مون تي ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن، جڊيشل ڪميشن کي وقت نٿو ڏئي سگهان، منهنجي درخواست آهي ته منهنجي استعيفيٰ تي جلد ڪارروائي ڪئي وڃي، اداري جي بهترين مفاد ۾ آهي ته اها ذميواري ڪنهن ٻئي کي ڏني وڃي، ڪميشن ۾ پنهنجي جاءِ تي بئريسٽر گوهر کي نامزد ڪرڻ چاهيان ٿو

خبرون