سنڌ حڪومت، يونيورسٽيز ۾ ڪانٽريڪٽ تي مقرري بابت اپوزيشن جي الزامن کي سختيءَ سان رد ڪري ڇڏيو
سنڌ حڪومت، يونيورسٽيز ۾ ڪانٽريڪٽ تي مقرري بابت اپوزيشن جي الزامن کي سختيءَ سان رد ڪري ڇڏيو، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جا الزام زميني حقيقتن کان ابتڙ آهن،ٻئي جماعتون پنهنجي ايجنڊا لاءِ معاملي کي سياسي رنگ ڏيڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيون آهن،ڪانٽريڪٽ تي مقرري ڪرڻ ڪا دخل اندازي ناهي، ان جو مقصد طريقيڪار تي عمل ڪرائڻ آهي عوام کي گمراهه ڪرڻ ۽ علمي برادري ۾ غيرضروري بي چيني پيدا ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، حڪومتي قدمن جو مقصد شفافيت ۽ احتساب کي يقيني بڻائيندي تعليمي شعبي ۾ انتهائي ضروري سڌارا آڻڻ آهي، سنڌ حڪومت يونيورسٽين جي خودمختياري برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي حڪومت ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٽرانسپورٽ جي سهولتن کي بهتر بڻائڻ ۽ ٽيوشن فيس تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پهريان ئي قدم شروع ڪري ڇڏيا آهن