تازه ترين
بالي ووڊ ۾ سڃاڻپ ٺاهڻ لاءِ وڏي محنت ڪرڻي پئي آهي: ڪرينا ڪپور

بالي ووڊ جي ” بيبو “ ڪرينا ڪپور انڊسٽريءَ ۾ پنهنجي ويهه سالا سفر کي عورت اداڪارا طور انتهائي چئلينجنگ قرار ڏئي ڇڏيو. ڪرينا ڪپور ويجڙ ۾ هڪ انٽرويو دوران جتي مختلف موضوعن تي ويچار ونڊيا اتي پنهنجي فلمي سفر بابت به تفصيلي گفتگو ڪئي. فلمي ڪيريئر بابت ڳالهائيندي ڪرينا ڪپور جو چوڻ هو ته هڪ اهڙي شعبي ۾ پاڻ کي نئين سر متعارف ڪرائڻ جتي مردن جي حڪمراني هجي، انتهائي ڀوائتو هوندو آهي ايستائين جو پنهنجي ڪيريئر کي برقرار رکڻ به وڌيڪ ڏکيو هوندو آهي. هن چيو ته جڏهن اوهان جي 17 يا 18 سال عمر هجي تڏهن هر ڪوئي چاهيندو آهي ته اوهان فلم ۾ هجو پر جيڪڏهن اوهان ان حالت ۾ ڏهه سال گذاري ورتا ته اوهان پنهنجي ڪم جو نئين سر جائزو وٺڻو پوندو ته جيئن انڊسٽريءَ ۾ پنهنجي جاءِ برقرار رکي سگهجي. اداڪارا چيو ته هوءَ اهڙي خاندان سان واسطو رکي ٿي، جتي سڀ ئي شاندار اداڪار آهن، اتي پنهنجي سڃاڻپ ٺاهڻ لاءِ هن کي اهڙو چئلينج قبول ڪرڻو پيو . واضح رهي ته 44 ورهين جي ڪرينا ڪپور بالي ووڊ ۾ 25 سال مڪمل ڪري ورتا آهن، هن اڀيشيڪ بچن جي هيروئن طور ” رفيوجي “ ذريعي هندي سئنما ۾ قدم رکيو. ڪرينا ڪپور ٿري ايڊئيٽس، بجرنگي ڀائيجان، اُڙتا پنجاب، را ون، گول مال رٽرنز، جب وي ميٽ، ڪڀي خوشي ڪڀي غم، ڪمبخت عشق، يووا سميت ڪيئي ڪامياب فلمن اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي.

خبرون