تازه ترين
مهانگو ميزبان! بگ باس 18 لاءِ سلمان خان کي هر مهيني ڪيترو معاوضو ملندو؟

بالي ووڊ سپر اسٽار نه رڳو مهانگو ترين اداڪار آهي پر هاڻي ڀارتي ميڊيا طرفان انڪشاف ڪيو ويو آهي ته هو ڀارتي ٽي وي جو مهانگو ترين ميزبان پڻ بڻجي ويو آهي. مشهور ريئلٽي شو بگ باس جي اٺين سيزن جو افتتاح 5 ۽ 6 آڪٽوبر تي ڪيو ويو، جنهن ۾ رانديگرن کي متعارف ڪرايو ويو، ان شو جي شروعات اميتاڀ بچن ڪئي هئي پر ان کانپوءِ سلمان خان ميزباني شروع ڪئي. هاڻي ڀارتي ميڊيا ۾ رپورٽس اچي رهيون آهن ته بگ باس سيزن 18 جي ميزبانيءَ لاءِ اداڪار کي هر مهيني 60 ڪروڙ رپيا ملندا، جنهن جو مطلب آهي ته جيڪڏهن سيزن 15 هفتا هلي ته سپر اسٽار کي لڳ ڀڳ 250 ڪروڙ رپيا ملندا. ڀارتي ميڊيا موجب سلمان خان جو اهو معاوضو باهوبلي 2، جوان، ليو، استري 2 ۽ اينيمل جي بجيٽ کان به وڌيڪ آهي. 2021 ۾، سلمان خان هڪ قسط جي ميزباني لاء 3 ڪروڙڀارتي رپيا معاوضو ورتو هو. ياد رهي ته هن سيزن جي اميدوارن ۾ مشهور نالا شامل آهن، جن ۾ چاهت پانڊي، ڪرن وير مهرا، چم دورنگ، رجت دلال، مسڪن بامني، عارفين خان، نيها شرما، اويناش مشرا، ووين ديسينا، ايلس ڪوشڪ، شروٿيڪا ارجن ۽ نيرا بينرپڻ شامل آهي.

خبرون