تازه ترين
ثنا جاويد جي اڳوڻي مڙس عمير جسوال ٻي شادي ڪري ڇڏي

اداڪارا ثنا جاويد جي اڳوڻي مڙس گلوڪار عمير جسوال به ٻي شادي ڪري ورتي آهي، عمير جسوال انسٽاگرام تي پنهنجي ڪُنوار جي تصوير پوسٽ ڪئي، جنهن جي ڪيپشن ”الحمدلله“ ۽ قرآن پاڪ جي هڪ آيت جنهن جو مطلب آهي ”توهان جو رب توهان کي جلد ايترو ڏيندو جو توهان مطمئن ٿي ويندا“. راڳي عمير جسوال ڪنهن سان شادي ڪئي آهي، ان جا تفصيل سامهون نه آيا آهن. عمير جي هن پوسٽ تي دوست ۽ مداح کيس شاديءَ جون مبارڪون ڏئي رهيا آهن. واضح رهي ته راڳي عمير جسوال جي پهرين شادي اداڪارا ثنا جاويد سان آڪٽوبر 2020 ۾ ٿي هئي. جوڙي ۾ عليحدگيء جون افواهون گذريل سال ان وقت تيز ٿي ويون جڏهن ٻنهي پنهنجي پنهنجي انسٽاگرام پروفائلز تان شاديءَ جون تصويرون هٽائي ڇڏيون هيون. ان کانپوءِ هلندڙ سال جنوري ۾ عمير ۽ ثناءَ جي عليحدگي جي تصديق تڏهن ٿي جڏهن ثنا ۽ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار آل رائونڊر شعيب ملڪ جي شادي جون خبرون سامهون آيون.


خبرون