تازه ترين
هيرن سان مالا مال هڪ شهر جتي زندگي رات ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي؟

انڊيا ۾ پننا نالي هڪ شهر آهي جتي توهان رات جو پنهنجي زندگي بدلائي سگهو ٿا، اهو هڪ اهڙو علائقو آهي جتي رهواسي هيرن جي کاڻين ۾ هيرن جي ڳولا ڪندا آهن. تفصيل موجب پنا سان تعلق رکندڙ سوامي دين پال جي گهر ۾ عيد جو ماحول هو، جيڪو تازو ئي 32.8 ڪيرٽ جو هيرو ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي، اهو سندس سالن جي محنت جو نتيجو آهي. کيس اميد آهي ته هو هيرو وڪرو ڪري ڏيڍ ڪروڙ هندستاني رپيا (اٽڪل پنج ڪروڙ پاڪستاني رپيا) حاصل ڪري وٺندو. بي بي سي سان ڳالهائيندي سوامي دينپال چيو ته ”اسان گهڻو وقت مزدوري ڪئي، پنهنجو ننڍڙو گهر ٺاهيو، پوءِ ان عمر ۾ اسان جو پٽ هيرن جي ڳولا ۾ شامل ٿيو، سندن مقصد پورو ٿي چڪو آهي، اميد آهي ته شيون هاڻي بهتر ٿي وينديون. سوامي جي پٽ جمنپال چيو ته هو هيرو هٿ اچڻ جي خوشيءَ ۾ رات جو ننڊ نه ڪري سگهيو آهي دل چوي ٿي ته ساري رات ناچ ڪريان. سوامي دين اڪيلو نه آهي پر هن جهڙا هزارين ٻيا به آهن جيڪي هيرن جي ڳولا ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اچي مڌيا پرديش جي هن ننڍڙي شهر پنا ۾ قسمت آزمائي ڪن ٿا. هر ڪنهن لاءِ جيڪو هتي اچي ٿو، هيرن جي ڳولا صرف هڪ خواب ۽ جنون نه آهي پر هڪ موقعو آهي زندگيءَ کي تبديل ڪرڻ جو. انڊين بيورو آف مائنز جي 2022ع جي سالياني رپورٽ موجب، ملڪ جي 90 سيڪڙو کان وڌيڪ هيرن جا ذخيرا پنا ۾ آهن. انهن جو مقدار اٽڪل ٻه ڪروڙ 86 ڪيريٽ آهي. مڌيا پرديش جي راڄڌاني ڀوپال کان اٽڪل 380 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، هيرا هن جڳهه جي ماڻهن جي طرز زندگي، بحث ۽ اميدن جو مرڪز آهن. هيرن جي ڳولا ۾ هزارين ماڻهو صبح جو پنهنجا گهر ڇڏي هتي پھچي ويندا آهن. اهڙا ڪيترائي خاندان به آهن جيڪي نسلن کان هيرن جي ڳولا ۾ آهن. 67 سالن جو پرڪاش شرما به اهڙو ئي هڪ شخص آهي. سندس ويجها ماڻهو کيس ڪاڪو سڏيندا آهن. پرڪاش جي پيءُ پنهنجي زندگي هيرن جي ڳولا ۾ گذاري. اهي پنا ۾ هڪ خيمي ۾ رهن ٿا ۽ هر صبح پنهنجي خواب جي تلاش ۾ نڪرندا آهن. ٺيڪ 50 سال اڳ هن کي پهريون هيرو مليو، پراڻن ڏينهن کي ياد ڪندي هو چوي ٿو، ”مون پنهنجي تعليم 1974ع ۾ مڪمل ڪئي، انهن ڏينهن ۾ مون کي ڪنهن به ڊپارٽمينٽ ۾ سٺي نوڪري ملي سگهي پئي، پر مون کي ڪجهه ٻيو ڏسڻو هو. ”انٽرميڊيٽ پاس ڪرڻ کان ڪجهه وقت اڳ مون کي پنهنجو پهريون هيرو مليو جيڪو اٽڪل ڇهه قيراط جو هو ۽ پوءِ مون فيصلو ڪيو ته مان صرف هيرن جي ڳولا ڪندس،“. پرڪاش جو چوڻ آهي ته هن شوق سبب سڄي زندگي شادي نه ڪئي. هو پنهنجن ڀائرن ۽ خاندانن سان گڏ رهندو آهي ۽ هو هيرن جي ڳولا جو ”عادي“ ٿي ويو آهي، اهو منهنجي لاءِ هڪ نشو آهي، جيڪڏهن مان هيرن جي ڳولا تي نه وڃان ته بيمار ٿي پوندس، هيرن اسان جون زندگيون تبديل ڪيون آهن. ملائم سنگهه پنا ويجهو ڳوٺ راهونيا جو رهواسي آهي، هن کي سال 2020 ۾ لڳ ڀڳ 60 لک ڀارتي رپين جو هيرو مليو ۽ سندس قسمت بدلجي وئي. اڄ، ملائم سنگهه هڪ ننڍڙي بورچی خاني جو مالڪ آهي ۽ پنهنجي ٻارن کي سٺي تعليم ڏيڻ ۽ انهن جي صحت جو بهتر خيال رکڻ جي قابل آهي. هن چيو ته اسان ننڍي هوندي کان هيرن جي کاڻ ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون، منهنجو پيءُ به هتي ڪم ڪندو هو، ڪافي عرصي کانپوءِ اسان جي قسمت کلي وئي. هن چيو ته هنن چئن ماڻهن گڏجي هيرن جي کوٽائي شروع ڪئي ۽ هاڻي جڏهن اسان کي هيرا مليا ته اسان هڪ گهر ٺاهيو، هڪ فارم خريد ڪيو ۽ پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏياري. ڪجھ ماڻهن لاءِ هيرن جي ڳولا هڪ خواب رهي ٿو، پر هرڪو ايترو خوش قسمت ناهي جيترو سوامي دين پال يا ملائم سنگهه اوڊيشا (اوڙيسا) جا سک ديوتا ڪيترن ئي سالن کان ڳولي رهيا آهن، پر انهن کي اڃا تائين هيرن جي چمڪ هٿ نه آئي آهي. هن جو چوڻ آهي ته ”مون يوٽيوب تي هڪ وڊيو ڏٺي جنهن ۾ ماڻهن کي چيو ويو ته هرڪو اچي پنهنجي قسمت آزمائي. مان پنهنجو سامان پيڪ ڪري هتي آيو آهيان. پر اڄ تائين منهنجي قسمت نه کلي آهي. هن وانگر، اميت شري واستو به سالن کان هيرن جي ڳولا ڪري رهيو آهي. هو پنا جي سنگ پور علائقي جو رهواسي آهي. ”هتي ڪيترائي هيرا رنج نديءَ ۾ مليا آهن، مان ان ۾ هيرا ڳوليان ٿو، هي هيرا برسات جي موسم ۾ هتي مليا آهن، پر هو هن وقت تائين ڪامياب نه ٿيا آهن،“. رميش ڪسواها پيشي جي لحاظ کان ڀاڄيون وڪرو ڪندڙ آهي پر هو هڪ هيرن جو مالڪ پڻ آهي جيڪو رات پيٽ ۾ امير ٿيڻ چاهي ٿو.هو برسات جي موسم ۾ هيرا ڳوليندو آهي ۽ باقي وقت ڀاڄيون وڪرو ڪري روزي ڪمائيندو آهي. سندس چوڻ هو ته ڀاڄيون وڪڻڻ سان ڪو به ماڻهو فوري طور امير نٿو ٿي سگهي، تنهنڪري مان به هيرن جي ڳولا ۾ آهيان. منهنجو هڪ دوست آهي جيڪو هيرن جو ڪم ڪري ٿو، جيڪڏهن مان خوش قسمت آهيان ته هڪ ڏينهن مون کي هيرو ضرور ملندو.

خبرون