مڪيش امباڻي پاران رنوير ۽ دپيڪا جي ڌيءُ کي 101 ڪروڙ رپين جو موُڙو
ڀارتي بزنس ٽائيڪون مڪيش امباڻي مشهور اداڪار جوڙي رنوير سنگهه ۽ دپيڪا پڊوڪون کي نياڻيءَ جو اولاد ٿيڻ تي ساڻن ملڻ لاءِ اسپتال پهچي ويو. مشهور بالي ووڊ جوڙو رنوير سنگهه ۽ دپيڪا پڊوڪون جي ڌيءَ ممبئي جي ايڇ اين ريلائنس اسپتال ۾ جنم ورتو، جيڪا مڪيش امباڻيءَ جي ملڪيت آهي. ڀارتي ميڊيا موجب مڪيش امباڻي جي گاڏي سخت سڪيورٽي هيٺ اسپتال پهتي، ٻڌايو پيو وڃي ته اداڪار جوڙي جا امباڻي خاندان سان سٺا لاڳاپا آهن ۽ اننت امباڻيءَ جي شادي ۾ رنوير سنگهه پرفارم پڻ ڪيو هو. ان موقعي تي مڪيش امباڻيءَ رنوير سنگهه ۽ دپيڪا پڊوڪون جي ڌيءُ کي منهن ڏيکارڻي يا موڙي طور 101 ڪروڙ رپيا ڏنا. دپيڪا پڊوڪون اڃان اسپتال مان ڊسچارج ناهي ٿي ۽ هوءَ اڃان ڪجهه ڏينهن تائين اسپتال ۾ رهندي.