تازه ترين
سنڌ سوڌو سموري دنيا ۾ پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

سنڌ سوڌو سموري دنيا ۾ پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ تقريبون ڪوٺائي ۽ ريليون ڪڍي شڪاگو جَي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي، وفاقي حڪومت ليبر ڊَي جَي حوالي سان اڄ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي، صدر ۽ وزيراعظم پاران تاريخي جدوجهد ڪرڻ تي پورهيتن کي ڀيٽا پيش، آصف علي زرداري چيو آهي ته پورهيت طبقو مهانگائي ۽ بيروزگاري جهڙن چيلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، پورهيتن جَي ٻارن جَي تعليمي سهولتن لاءِ قدم کنيا وڃن، مزدورن کي ضروري تربيت ۽ حفاظتي سامان جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي، اميد آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پورهيتن جي حقن لاءِ ڪردار ادا ڪنديون، شهباز شريف جو چوڻ آهي ته مهانگائيءَ سڀ کان وڌيڪ مزدور طبقي کي متاثر ڪيو آهي، مزدورن جي حقن لاءِ جلد قومي ليبر ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي، معيشت جي بحالي لاءِ مستقل مزاجي سان محنت ڪرڻي پوندي..........

خبرون