تازه ترين
غزا ۾ اسرائيلي حملا جاري،  گذريل 24 ڪلاڪن دوران 60 فلسطيني شهيد

غزا ۾ اسرائيلي حملا جاري، غزا ۽ رفح ۾ اسرائيلي حملن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 60 فلسطيني شهيد، ست آڪٽوبر کان هيل تائين شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 33 هزار کان وڌي ويو، اسرائيلي سيڪيورٽي ڪابينا غزا جِي اتر سرحد کولڻ جِي منظوري ڏئي ڇڏي، سَت آڪٽوبر واري حملي کانپوءِ پهريون ڀيرو اتر سرحد کولڻ جِي منطوري ڏني وئي، سيڪيورٽي ڪابينا اسرائيلي بندرگاھ اشدود کي به استعمال ڪرڻ جِي منظوري ڏني، آمريڪي ميڊيا موجب اسرائيل هڪ سٺو قدم کنيو آهي، اِن قدم سان غزا ۾ وڌيڪ انساني امداد داخل ٿي سگهندي..........

خبرون