تازه ترين
قومي ڪرڪيٽرز کان رشوت وٺندڙ 4 پوليس اهلڪار معطل

پوليس اهلڪارن پاران قومي ڪرڪيٽرز کان رشوت گهـُرڻ واري معاملي ۾ سڪرنڊ ٿاڻي جا 4 اهلڪار ملوث قرار، ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت چئن ئي اهلڪارن کي معطل ڪري گرفتار ڪيو ويو، ڊي جِي آءِ شهيد بينظير آباد، انڪوائري رپورٽ جوڙي آءِ جِي سنڌ ڏانهن اماڻي ڇڏي،آءِ جِي سنڌ پوليس رفعت مختار، ڪرڪيٽر عامر يامين جي ٽوئيٽ جو نوٽيس وٺي ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد کي بنا دير جاچ جو حڪم ڏنو هو، ڪرڪيٽر عامر يامين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو هو ته هـُو خوش قسمت آهن جو سنڌ نه پر پنجاب ۾ رهن ٿا، زندگي ۾ پهريون ڀيرو ڪراچي کان ملتان روڊ ذريعي سفر ڪري رهيو هئس، ڪراچي کان 50 ڪلوميٽر سفر ڪرڻ کانپوءِ پوليس اهلڪارن روڪي رشوت گهـُري، سنڌ پوليس تمام گهڻي ڪرپٽ آهي.........

خبرون