تازه ترين
سنڌ پوليس ڪرڪيٽرز کي به نه بخشيو

ڪرڪيٽر کان رشوت طلب، آءِ جي سنڌ جو سخت نوٽيس آءِ جي سنڌ رفعت مختار ڪرڪيٽر عامر يامين جي ٽوئيٽ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو ۽ ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد کي فوري جاچ جي هدايت ڪندي واقعي ۾ ملوث اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. قومي ڪرڪيٽر عامر يامين سماجي رابطن واري ويب سائيٽ، ٽوئٽر تي سنڌ پوليس جي حوالي سان هڪ ٽويٽ ڪيو آهي. ڪرڪيٽر عامر يامين پنهنجي ٽويٽ ۾ چيو آهي ته اسان خوش قسمت آهيون جو سنڌ نه پر پنجاب ۾ رهون ٿا. عامر يامين پنهنجي ٽويٽ ۾ وڌيڪ چوي ٿو ته آئون زندگي ۾ پهريون ڀيرو ڪراچي کان ملتان روڊ ذريعي سفر ڪري رهيو هيس سنڌ پوليس جي اهلڪارن روڪي رشوت طلب ڪئي ڪرڪيٽر عامر يامين جو چوڻ آهي ته سنڌ پوليس تمام گھڻي ڪرپٽ آهي. ڪرڪيٽر عامر يامين جي ٽوئيٽ جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ رفعت مختيار شهيد بينظير آباد کي فوري جاچ جي هدايت ڪندي واقعي ۾ ملوث اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته ڪرڪيٽر عامر يامين ۽ صهيب مقصود پنهنجي گاڏي تي ملتان وڃي رهيا هئا ته سڪرنڊ ڀرسان اهو واقعو پيش آيو...

خبرون