تازه ترين
خوشبوءِ جِي شاعره پروين شاڪر جِي 71هين سالگرھ ملهائي پئي وڃي

اردو ٻوليءَ جِي ناليواري شاعره پروين شاڪر 24 نومبر 1950 تي لاهور ۾ سيد شاڪر حسين جَي گهر ۾ جنم ورتو، رضويه گرلز ڪاليج ڪراچي مان بِي اَي، 1972 ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان انگريزي ادب ۾ ايم اَي ۽ پوءِ 1980 ۾ انگريزي لسانيات ۾ ايم اَي ڪئي. پروين شاڪر هارورڊ يونيورسٽي آمريڪا مان ايم پي اَي جو ڪورس مڪمل ڪرڻ کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي ڪورس پاس ڪيا، سي ايس ايس ڪرڻ کانپوءِ 1983 ۾ سول سروس اڪيڊمي لاهور مان ڪورس ۽ ساڳي سال نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪسٽم اينڊ ٽيڪسيشن ڪراچي مان ڪورس ڪيو. پروين شاڪر عبدالله گرلز ڪاليج ڪراچي ۾ ليڪچرار مقرر ٿي، جنهن کانپوءِ ترتيبوار اسلام آباد ۾ سيڪنڊ سيڪريٽري سي بي آر، راولپنڊي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن ۽ اسلام آباد ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ڪسٽم بڻي. ناليواري شاعره جي ڪتابن ۾ خوشبوءِ، صدبرگ، خود ڪلامي ۽ انڪار شامل آهن، سندس سموري شاعريءَ جَي گڏيل مجموعي جو نالو ماهِ تمام آهي، فارسي، عربي ۽ فرانسيسي ٻولين جَي ماهر طور کيس ڪيترن ئي اعزازن سان نوازيو ويو. پروين شاڪر جَي مداحن جِي قطار به تمام ڊگهي هئي، هڪڙا سندس ڪلام جا ثنا خوان هئا ته ٻيا وري سندس سونهن جا پرستار. پروين شاڪر 26 ڊسمبر 1994 ۾ 42 ورهين جِي ڄمار ۾ اسلام آباد ۾ روڊ حادثي سبب هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري وئي پر پنهنجي منفرد شاعري ذريعي اڄ به مداحن جَي دلين ۾ زنده آهي..........

خبرون