تازه ترين
پاڪستان ۾ ته موسم جيئن جو تيئن ٿڌي ٿي رهي آهي پر ڇا اوهان کي خبر آهي دنيا جي ٿڌي ترين رهائشي هنڌ تي اڄ ڪالهه گرمي پد ڪيترو آهي؟

پاڪستان ۾ ته موسم جيئن جو تيئن ٿڌي ٿي رهي آهي پر ڇا اوهان کي خبر آهي دنا جي ٿڌي ترين رهائشي هنڌ تي اڄ ڪالهه گرمي پد ڪيترو آهي؟ يقين ڪرڻ ڏکيو هوندو پر دنيا جي ٿڌي ترين رهائشي هنڌ تي اڄ ڪالهه گرمي پد منفي 30 سينٽي گريڊ کان به هيٺ آهي. اهو هنڌ روس جي خطي سائبيريا ۾ موجود ڳوٺ اويميا ڪون آهي. ان ڳوٺ ۾ 500 ماڻهو رهن ٿا ۽ 1924ع ۾ اتي منفي 71.2 سينٽي گريڊ گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو هو، پر اهو غير تصديق آهي. تصديقي طور تي اتي سڀ کان گھٽ گرمي پد 1933ع ۾ منفي 67.7 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو هو. ان ڳوٺ ۾ سياري جي موسم ۾ سراسري طور گرمي پد منفي 58 سينٽي گريڊ هوندو آهي ۽ انهيءَ ڪري ان کي دنيا جو ٿڌو ترين رهائشي هنڌ قرار ڏنو ويندو آهي. اهو ڳوٺ ياڪوتسڪ نالي شهر کان 577 ميل پري آهي. ياڪوتسڪ کي دنيا جو ٿڌو ترين شهر قرار ڏنو ويندو آهي، جتان هڪ روڊ اويمياڪون ڏانهن وٺي وڃي ٿو. اويمياڪون جو مطلب ڪڏهن به نه ڄمندڙ پاڻي آهي جيڪو اتي موجود هڪ گرم پاڻي جي چشمي جي مٿان رکيو ويو آهي. وڌيڪ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته نالي جي ابتڙ عام طور تي سياري جي موسم ۾ اتي وهندڙ پاني ڪٿي به نظر ناهي ايندو. اتي سياري جي شدت ايتري وڌيڪ هوندي آهي جو ماڻهن کي ڄميل گوشت کائڻو پوندو آهي ۽ کان ٻاهر موجود گاڏين کي 24 ڪلاڪن اسٽارٽ ڪري رکڻو پوندو آهي، ڇو جو بند ڪرڻ تي انهن کي ٻيهر هلائڻ ممڪن ناهي هوندو. جڏهن ڪو ماڻهو فوت ٿي ويندو آهي ته ان جي تدفين لاءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين زمين تي باهه ٻارڻي پوندي آهي ته جيئن ان کي کوٽڻ ممڪن ٿي سگھي. اهو ڳوٺ آرڪٽڪ سرڪل کان ڪجهه سئو ميل پري آهي ۽ انهيءَ جي ڪري سياري جي موسم ۾ اتي 21 ڪلاڪن تائين اوندهه هوندي آهي يا ائين چئجي ته 24 ڪلاڪن ۾ 3 ڪلاڪ ئي ڪنهن حد تائين ڏينهن جي روشني نظر ايندي آهي، پر سج تمام گھٽ نظر ايندو آهي. ايتري ٿڌي موسم ۾ ماڻهن کي پاڻ کي زندهه رکڻ لاءِ ڪيترائي طريقا اختيار ڪرڻا پوندا آهن. گھر ۾ ٽوائلٽ ناهن هوندا پر انهن کي ٻاهر تعمير ڪيو ويندو آهي ڇو جو سياري جي موسم سبب پائپ ڄمي ڦاٽڻ جو جو خطرو هوندو آهي. اتان جي ڄميل زمين تي فصل پوکڻ ممڪن ناهي تنهنڪري ماڻهو هرڻ جو گوشت، ڄميل مڇين جو ڪچو گوشت ۽ گھوڙي جي رت مان تيار ڪيل آئيس ڪيوبس کائيندا آهن. جڏهن ڪو ماڻهو گھر کان ٻاهر نڪرندو آهي ته ڪٿي بيهڻ بابت سوچيندو ئي ناهي پر جيتري تيزي سان ٿي سگھي هلندو رهندو آهي ته جيئن جسماني گرمائش گھڻي نه گھٽجي وڃي. حقيقت ۾ گھر کان ٻار نڪرندي ئي پنبڙين تي برف ڄمي ويندي آهي ۽ ڪجهه سال اڳ ته اتي سياري جي شدت سبب اليڪٽرونڪ ٿرماميٽر به ڦاٽي پيو هو. جيڪڏهن ڪو فرد چشمو پائي ٻاهر نڪري ته اهو سندس چهري تي نه چنبڙي وڃي. اهو ڳوٺ 1920ع جي ڏهاڪي ۾ ٺهيو هو، ان کان اڳ اتي سياري جي موسم ۾ خانه بدوش ترسڻ لاءِ ايندا هئا ته جيئن سندن قطبي هرڻن کي گرم چشمي مان پاڻي ملندو رهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سياري جي موسم ۾ اتي گرمي پد ڪيترائي ڀيرا منفي 35 ڊگري تائين به ڪري پوندو آهي. ڪجهه سال اڳ هڪ فوٽو گرافر Amos Chapple اتي ويو ته هن سياري جي موسم ۾ ماڻهن جي زندگي کي ڪيمرا جي اک ۾ محفوظ ڪيو هو. هن ٻڌايو ته سياري جي موسم ۾ ان خطي ۾ جهازن جي اڏام ممڪن ناهي هوندي ۽ گاڏين ذريعي کي سفر ممڪن هوندو آهي. جيتوڻيڪ اتي ٿڌ تمام گھڻي هوندي آهي تنهنڪري گھرن کي ائين تعمير ڪيو ويندو آهي ته جيئن اهي موسم جي شدت برداشت ڪري سگھن. انهن حالتن باوجود اتي ڪيترائي اسڪول موجود آهن جڏهن ته هڪ پوسٽ آفيس، بينڪ ۽ هڪ ايئرپور رن به موجود آهي. اتي ايتري گھڻي ٿڌ ڇو پوندي آهي ۽ ماڻهو ڇو ايتري سخت ماحول ۾ رهن ٿا؟ ماهرن موجب سائبيريا جو خطرو تمام وسيغ آهي ۽ سمنڊ جي سطح کان تمام بلند آهي ۽ انهن ٻنهي سببن جي ڪري اتي ٿڌ گھڻي پوندي آهي. اويمياڪون هڪ وادي جي وچ ۾ موجود آهي ۽ ان جي چوڌاري ڊگھون چوٽيون آهن تنهنڪري ٿڌي هوا وادي جي سطح جي ويجهو ڦاسي پوندي آهي، جنهن جو تينجو گرمي پد ۾ رڪارڊ گھٽتائي جي شڪل ۾ نڪرندو آهي. ته پوءِ ايتري سخت موسم باوجود ماڻهو اتي ڇو ٿا رهن؟ ماهرن جي خيال ۾ اتي رهندڙن کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته هو ڪٿي رهن ٿا ۽ ڪيئن ڪاميابي سان ايتري سخت هنڌ تي به زندگي جاري رکيون ويٺا آهن.

خبرون