تازه ترين
اهڙي وائرس اتفاقي طور تي دريافت،جيڪو رڳو مردن لاءِ موت آهي

جاپان جي سائنسدانن هڪ اهڙي وائرس کي اتفاقي طور تي دريافت ڪيو آهي جيڪو رڳو مردن لاءِ موتمار آهي جاپاني سائنسدانن طرفان جاري ڪيل بيان موجب هڪ ڊگهي وقت کان جاري تحقيق دوران هڪ نئين وائرس جي ڊي اين اي ۽ ان جي حرڪتن جو جائزو ورتو ويو. سنڊين تي ڪيل تحقيق ثابت ڪيو ته اهو نئون وائرس رڳو مردن لاءِ موتمار آهي. جاپان جي زراعت ۽ خوراڪ بابت تنظيم جي محققن مان ڊائسو ڪي ڪاگي ياما چيو ته مون کي اميد آهي ته مستقبل ۾ ان نوعيت جون وڌيڪ ديافتون ٿينديون. ميامي ڪيوشو يونيورسٽي ۾ ڪيل هن تحقيق جي ٽيڪنيشن ميساتو تيراو چيو ته وائرس اتفاقي دريافت ٿيو آهي. تيراو چيو ته يونيورسٽي جي ٽيرس تي هواخوري دوران مان سنڊين کي مختلف شڪل ۾ پن کائيندي ڏٺو، مان انهن سنڊين کي جيتن جي فزيلوجسٽ يوشيونوري شنتاني جي ليبارٽي ۾ پهچايو. شنتاري سنڊين تي تحقيق دوران ڏٺو ته اهي سڀ ماديون هيون. نر سنڊين سان توليدي عمل بعد سنڊين جي 13 نسلن ۾ به سنڊين جي اڪثريت مادي رهي ۽ انهن مان رڳو 3 نر سنڊيون هيون جيڪي جيئريون بچيون. ان صورتحال بابت ڊاڪٽر شنتاني فوري ڄاڻي ورتو ته اهو هڪ نر قاتل وائرس آهي.

خبرون