تازه ترين
پيپلزپارٽي اڳواڻ شرميلا فاروقي مسخري بڻجي وئي

ڪراچي عيسائي برادري جو ڏڻ هالووين 31 آڪٽوبر تي ملهايو ويندو جنهن جون تياريون جاري آهن هالووين جي موقعي تي اهو ڏڻ ملهائڻ وارا ماڻهو پنهنجون عجيب غريب شڪلون ٺاهيندا آهن. ان حوالي سان پيپلزپارٽي اڳواڻ شرميلا فاروقي به پنهنجو روپ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. شرميلا فاروقي اهڙيون تصويرون جاري ڪيون آهن جن ۾ هوءَ هڪ فلمي ۽ ڪامڪ ڪردار هارلي ڪوئين جي نقل ڪندي نظر اچي ٿي. هاللوين جي تهوار تي خاص ڪاسٽيومز پهريون وينديون آهن، گهرن کي سينگاريو ويندو آهي، رانديون ۽ کاڌن جا اسٽال لڳايا ويندا آهن. ان کان اڳ به شرميلا فاروقي هالووين ملهائيندي رهي آهي ۽ گذريل سال به تصويرون جاري ڪيون هيائين. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ هڪ غيراخلاقي پارٽي جون وڊيوز وائرل ٿيون هيون جنهن بابت چيو ويو هو ته اها هالووين پارٽي هئي.


خبرون