تازه ترين
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوا ۽ گجگوڙ سان برسات وقفي وقفي سان جاري

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوا ۽ گجگوڙ سان برسات وقفي وقفي سان جاري، برسات ڪيترائي شهر ٻوڙي ڇڏيا، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو جاري، برسات سبب ڪيترن ئي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ بجلي جي فراهمي معطل، چوڪن، چوراهن، گهٽين روڊ رستن تي گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل،برسات سبب کجين، ووئڻن ۽ سارين جي فصلن کي نقصان، ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ صديق لاکي ۾ برسات سبب گهر جِي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي، نينگريءَ سميت 7 ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل، گذريل ڏينهن سنڌ ۾ تيز برسات دوران گهر جون ڀتيون ۽ ڇتيون ڪِرڻ سميت ڪرنٽ ۽ برساتي پاڻي ۾ ٻڏڻ جَي واقعن ۾ وڌيڪ 17ڄڻا فوت ٿيا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا.................

خبرون