تازه ترين
سڀاڻي کان شهر ۾ موسم سخت گرم ٿيڻ جو امڪان آهي :شاهد عباس ڊائريڪٽر موسميات

*ڪراچي جي سمنڊ ڪناري ويجهو هوا جو گهٽ دٻاءُ آهي جيڪو ايندڙ هفتي تائين سامونڊي طوفان لوبان ۾ تبديل ٿيڻ جو امڪان آهي . موسميات کاتي ڪراچي جي ڊائريڪٽر شاهد عباس ان حوالي سان خبردار ڪندي چيو آهي ته سامونڊي طوفان جي شدت جو اندازو 8آڪٽوبر کان اڳ ۾ لڳائڻ ممڪن ناهي . هن وڌيڪ چيو ته سامونڊي طوفان جو رُخ ڪراچي ڏانهن ٿيو به ته ان کي هتي پهچڻ ۾ هڪ هفتو لڳي سگهي ٿو . ٻئي پاسي سڀاڻي کان شهر ۾ موسم سخت گرم ٿيڻ جو امڪان آهي . موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر موجب سڀاڻي کان شهر ۾ گرمي جو درجو سڀاڻي کان شهر ۾ گرمي جو درجو 38 کان 40 سينٽي گريڊ تائين ٿي سگهي ٿو ..........

خبرون