تازه ترين
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران  ملڪ جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان

* موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب راولپنڊي، مالاڪنڊ، هزاره مردان، ڪوهاٽ، پشاور، ڪوئيٽا، زوب ڊويزن،اسلام آباد، فاٽا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ سان برسات ۽ جبلن تي برفباريءَ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب اڄ سڀ کان وڌيڪ ٿڌ اسڪردو ۾ ڪاٽو 7 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي. ڪوئيٽا، گوپس، ڪالام ۽ استور ۾ ڪاٽو 5، قلات ۽ چترال ۾ ڪاٽو 4، گلگت، راولا ڪوٽ، دير ۽ پاره چنار ۾ ڪاٽو رڪارڊ ڪئي وئي. موسميات کاتي موجب پنجاب ۽ سنڌ جي ميداني علائقن ۾ صبح جي وقت ڪوهيڙي جو امڪان آهي. ٻئي طرف سنڌ سميت پنجاب ۾ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي جنهن سبب ٽريفڪ جي روانگي متاثر جڏهن ته موٽرويز بند ۽ اڏامون معطل ڪيون ويون آهن. سنڌ جي اترين ۽ پنجاب جي ميداني علائقن ۾ گذريل هڪ هفتي کان ڪوهيڙي سبب زندگي معمول تي اچي نه سگهي جنهن ڪري ٽريفڪ جي روانگي متاثر ۽ ماڻهو ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڪوهيڙي ۾ واڌ سبب لاهور کان پنڊي ڀٽيان تائين موٽروي بند ڪري فيصل آباد، گوجرا ۽ عارف والا ۾ گاڏين کي بيهاريو ويو.....

خبرون