تازه ترين
موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ٿڌو رهندو

موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ٿڌو رهندو جڏهن ته ڪوئيٽا سميت اتر وارا علائقا سخت سردي جي لپيٽ ۾ رهندا. موسميات کاتي موجب اڄ سڀ کان وڌيڪ ٿڌ اسڪردو ۾ ڪاٽو 11 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي. استور ۾ ڪاٽو 10، گوپس ۾ ڪاٽو 9، گلگت ۾ ڪاٽو 8، بگروٽ ۾ ڪاٽو 6 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي. دير ۾ ڪاٽو 6، زيارت، هنزه ۽ ڪالام ۾ ڪاٽو 4، ڪوئيٽا، پاره چنار ۽ قلات ۾ ڪاٽو 3، راولاڪوٽ، دالبدين ۽ بونجي ۾ پارو ڪاٽو 2 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. دروش، چترال، رسالپور ۽ مري ۾ گرمي پد ڪاٽو هڪ ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي موجب ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ ٿڌي رهندي، جڏهن ته ڪوئيٽا ۽ اتر وارا علائقا سخت سردي جي ليپٽ ۾ رهندا، پنجاب جي ميداني علائقن سميت سنڌ ۾ صبح جي وقت ڪوهيڙي جو امڪان آهي........

خبرون