تازه ترين
آصف زرداري کي طاهر قادري دعوت ڏني جنهن کان پوءِ پ پ وفد پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه سان ملاقات ڪندو:خورشيد شاهه

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد احمد شاهه چيو ته آهي ته آصف علي زرداري کي طاهر القادري ملاقات جي دعوت ڏني، اڄ پ پ جو وفد پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه سان ملاقات ڪندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيوپ ته قادري صاحب سان ملاقات پهرين نه پر اڳ رابطا ٿيندا رهيا آهن، هو 2002ع ۾ مشرف جي خلاف گڏ هئا. هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي روڊن ۽ ڇڪتاڻ واري سياست کان ٻاهر رهي آهي، اڄوڪي ملاقات ۾ موجوده سياسي صورتحال، ادارن سان جنگ، عدم استحڪام سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ٿينديون. هن وڌيڪ چيو ته ماڊل ٽائون جي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي، هاڻي عدليه ۽ ادارن جو ڪم آهي ته انهي کي ڏسن......

خبرون