تازه ترين
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات  سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي. اڄ صبح بدين، ڪڙيو گهنور، گولاڙچي ۽ احمد راڄو ۾ وقفي وقفي سان هلڪي برسات جاري رهي جنهن سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو. برسات سب بجلي ۽ مواصلات جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي جنهن سبب رحمت عوام لاءِ زحمت بڻجي وئي آهي. ٿر جي پڻ مختلف علائقن مٺي، ٿرپارڪر، چليار، ڪلوئي، اسلام ڪوٽ، ڏيپلو، ننگرپارڪر، ڇاڇرو ۾ برسات ٿرين جي چهرن کي مهڪائي ڇڏيو. عمرڪوٽ شهر سميت ڍورو نارو ۽ غلام نبي شاهه ۾ پڻ تيز برسات وسندي رهي جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي وئي. عمر ڪوٽ ضلعي ۾ لاڳيتو 48 ڪلاڪن کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا. برسات سبب ڳوٺاڻن جي لڏ پلاڻ جو سلسلو به جاري آهي جڏهن ته انتظاميا ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي. نيو سيد آباد جي پڻ مختلف علائقن ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي پئي آهي.

خبرون