تازه ترين
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اڄ هلڪي هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اڄ هلڪي هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب موسم خوشگوار بڻيل آهي. ڪراچي جي مختلف علائقن يونيورسٽي روڊ ، سفاري پارڪ ، گلشن اقبال، فيڊرل بي ايريا ، ناظم آباد، ايم اي جناح روڊ ، گوليمار، اردو بازار سميت ٻين هنڌن تي هلڪي برسات ٿي. برسات سبب گرمي جو زور مڪمل طور ٽٽي ويو آهي ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي. موسم خوشگوار ٿيڻ سبب ماڻهو پڪنڪ پوائنٽن تي پڪنڪ ملهائي مزو ماڻي رهيا آهن.

خبرون