تازه ترين
موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ طوفاني برسات جو امڪان آهي .

موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ طوفاني برسات جو امڪان آهي . موسميات کاتي موجب پنجاب ۽ ڪي پي ۾ اڄ به طوفاني برسات وسڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته اسلام آباد ۽ ڪشمير ۾ به گجوڙ سان گڏ برسات پوڻ جو امڪان آهي، بلوچستان ۽ فاٽا ۾ به تيز برسات ٿي سگهي ٿي . موسميات کاتي موجب لاهور، ملتان، ساهيوال ۽ بهاولپور ۾ به برسات پوندي، گڏوگڏ بلوچستان جي علائقن ڪوئيٽا، زوب، قلات ۽ سبي ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي . موسميات کاتي گلگت بلتستان ۾ به طوفان سان گڏ برسات پوڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. سنڌ جي حوالي سان موسميات کاتي جي رپورٽ موجب سامونڊي علائقن ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي .

خبرون