تازه ترين
اميد ته ايران مڊ نائيٽ هيمر جهڙو ٻيو آپريشن نه چاهيندو:ڊونلڊ ٽرمپ

اميد ته ايران مڊ نائيٽ هيمر جهڙو ٻيو آپريشن نه چاهيندو:ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران مڊ نائيٽ هيمر جهڙو ٻيهر آپريشن نه چاهيندو، اميد آهي ته ڳالهيون ڪامياب ٿينديون. وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا بريفنگ دوران،صحافي جي ايران ڳالهين باب پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايران سان ڳالهيون جاري آهن. آمريڪي صدر چيو ته هو ايران سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي پر اڃا تائين خبر ناهي ته ايندڙ م ڳالهيون ڪٿي ٿينديون. صدر ٽرمپ چيو ته ايران کي ماضي ۾ ڳالهين جو موقعو مليو هو، پر اهو ڪارآمد ثابت نه ٿيو، جنهن کان پوءِ اسان ايران خلاف آپريشن مڊ نائيٽ هيمر شروع ڪيو. مون کي نه ٿو لڳي ته ايران ٻيهر مڊ نائيٽ هيمر جهڙو آپريشن چاهيندو. آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته روس ۽ يوڪرين جي جنگ ختم ڪرائڻ چاهيان ٿو، پيوٽن ٿڌي موسم ۾ حملا ڪيا، اهو انتهائي افسوسناڪ آهي.

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio