تازه ترين
قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايووف جي وزيراعظم هائوس آمد

10- قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايووف جي وزيراعظم هائوس آمد، وزيراعظم شهباز شريف معزز مهمان جي آجيان ڪئي، خوشگوار جملن جي ڏي وٺ، وزيراعظم هائوس ۾ آجياڻي واري تقريب، ٻنهي ملڪن جي قومي ترانن سان شروعات، هٿياربند فوج جي چست دستي صدر قاسم جومارت توڪايووف کي سلامي ڏني،هٿياربند فوج جي چست دستي معزز مهمان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو، قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايووف گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو، وزيراعظم ، قازقستان جي صدر جو ڪابينا ميمبرن سان تعارف ڪرايو، صدر قاسم جومارت توڪايووف پنهنجي وفد جو وزيراعظم سان تعارف ڪرايو،قازقستان جي صدر دوري دوران وزيراعظم هائوس ۾ يادگاري ٻوٽو پڻ پوکيو.......... 14-نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ قازقستان جَي صدر قاسم جومارت توڪايووف وچ ۾ ملاقات، ٻطرفو سهڪار وڌائڻ تي زور، پرڏيهي کاتي جَي ترجمان چيو آهي ته اسحاق ڊار، قاسم جومارت توڪايووف کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار ڪيو، صدر، وزيراعظم، حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو، ملاقات ۾ اِن عزم جو اظهار ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ قازقستان سياسي، معاشي ۽ عوامي سطح تي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل طور ڪم ڪندا رهندا، اسحاق ڊار جو پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ اعليٰ سطحي سياسي رابطن ۾ تيزي تي اطمينان جو اظهار ، چوي ٿو، ٻنهي ملڪن جَي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي سٺو سنوڻ آهي، ٻئي ملڪ خطي ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ سان نه رڳو ٻطرفا لاڳاپا مضبوط ٿيندا پر علائقائي خوشحالي کي پڻ هٿي ملندي.......... 15- پاڪستان ۽ قازقستان ۾ سهڪار جي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن جي مٽاسٽا واري تقريب، وزيراعظم شهباز شريف ۽ قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايووف گڏيل پڌرنامي تي صحيحون ڪيون، پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ ڪوئلي جي کاڻن ۽ پيٽروليم جي شعبي ۾ مفاهمتي يادداشت جي مٽاسٽا، ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل قومن جي امن دستن جي حوالي سان به مفاهمتي يادداشت جي مٽاسٽا،پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ قيدين جي ڏي وٺ جي حوالي سان معاهدي جي دستاويزن جي به مٽاسٽا، پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ ميري ٽائم جي شعبي ۾ مفاهمتي يادداشت، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ جي معاهدي جي دستاويزن جي به مٽاسٽا........... 13- ورلڊ بينڪ گروپ جي صدر اجَي بانگا جي 10 رڪني وفد سان گڏ لاڙڪاڻي آمد، وڏي وزير مراد علي شاهه، اجَي بانگا کي موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي ڀليڪار ڪيو، ورلڊ بينڪ جو صدر، وڏي وزير سان گڏ ڏوڪري جي ڳوٺ بهاول جت جو دورو ڪندو، اجَي بانگا ڳوٺ بهاول جت ۾ ٻوڏ متاثر گهرن جِي بحاليءَ واري عمل جو مشاهدو ڪندو، ورلڊ بينڪ جو صدر ٻوڏ متاثرن جي ڳوٺ بهاول جت جي رهواسين سان ملاقات ڪندو،ورلڊ بينڪ جو صدر، وڏي وزير سان گڏجي تاريخي ماڳ موهن جو دڙو جو دورو پڻ ڪندو...... 11- وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي پوليو جي خاتمي واري مهم جي پهرين ڏينهن جي رپورٽ پيش، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پوليو جي خاتمي واري مهم جي مجموعي گهريلو ڪوريج 92 سيڪڙو رهي، پهرين ڏينهن 2 لک 26 هزار کان مٿي ٻار پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئڻ کان محروم رهجي ويا، بينظير آباد ڊويزن 95 سيڪڙو ڪوريج سان پهرين نمبر تي، رڳو 5.7 سيڪڙو ٻار رهجي ويا، ڏکڻ ڪراچي ۾ ٻارن کي ڦڙا پيارڻ کان انڪار جي شرح سڀ کان گهڻي 40 سيڪڙو رهي، سکر ۽ ميرپورخاص ڊويزن ۾ پوليو ڪوريج 94 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 93 ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ 92 سيڪڙو ڪوريج جي شرح رهي، ٻارن کي معذوري کان بچائڻ لاءِ ڦڙا لازمي پياريو، وڏي وزير جي والدين کي اپيل، مراد علي شاهه چوي ٿو، پوليو جي خاتمي تائين مهم ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ هر ٻار جي ڪوريج کي يقيني بڻايو وڃي.... 12- ڪراچي ۾ عالمي پارلياماني ڪانفرنس، ملڪي توڙي پرڏيھي وفد شريڪ ، ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ريجن جي گڏيل ڪانفرنس جي ميزبان سنڌ اسيمبلي آھي، اسيمبلي 14 ورهين کانپوءِ عالمي پارلياماني ڪانفرنس جي ميزباني ڪري رهي آهي، ڪانفرنس 7 فيبروري 2026 تائين جاري رھندي، جنهن ۾ 17 قانون ساز ادارن جا 150 کان وڌيڪ ميمبرز شرڪت ڪري رھيا آھن، ڪانفرنس دوران امن، جمهوري اعتماد ۽ پارلياماني تعليم تي اهم سيشن ٿيندا، پڄاڻي واري اجلاس کي سي پي اي سيڪريٽري جنرل اسٽيفن ٽوِگ خطاب ڪندو، وڏو وزير مراد علي شاهه پڄاڻي واري تقريب جو خاص مهمان هوندو، پڄاڻي تي ڪراچي چارٽر جي منظوري ڏني ويندي... 01-پاڪستان جي هڪ ٻي وڏي ڪاميابي، يورپي يونين سان ٽيرف ريٽ ڪوٽا جو معاهدو ٿي ويو، پاڪستان ۽ يورپي يونين ٽيرف ريٽ ڪوٽا معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون، معاهدو بريگزٽ کانپوءِ واپار ۾ تسلسل ۽ قانوني خاطري کي يقيني بڻائيندو، معاهدو پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائيندو، پاڪستاني سفير چوي ٿو، معاهدو پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن ۾ اهم پيڙهه جو پٿر آهي......... 09- ضلعي عدليه جي ملازمن جي الائونسز ۾ واڌ نه ٿيڻ تي توهين عدالت جي درخواست سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل، سنڌ هاءِ ڪورٽ آئيني بينچ فوري طور جوڊيشل الائونس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،عدالتي حڪم باوجود ملازمن جي الائونسز ۾ واڌ نه ڪرڻ انتهائي سنگين معاملو آهي ،عدالت جو ملازمن جي برابر الائونس جاري ڪري 24 فيبروري تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ، عدالت جو چوڻ آهي ته حڪم تي عمل نه ٿيو ته چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٻين کي ذاتي حيثيت ۾ گهرايو ويندو....... 02-ايران آمريڪا سان ڳالهين وارو معاملو ترڪيا کان عمان منتقل ڪرڻ چاهي ٿو، آمريڪي ميڊيا جي دعويٰ، آمريڪا ڳالهين ۾ بيلسٽڪ ميزائل ۽ خطي ۾ ايران سان پراڪيسز جي سرگرمين کي شامل ڪرڻ چاهي ٿو، پر ايران ڳالهين ۾ رڳو ايٽمي پروگرام تي ڌيان ڏيڻ چاهي ٿو، ڳالهين ۾ ايران ٻين ملڪن جي سنئون سڌو شرڪت ڪرڻ جو خواشمند آهي....... 03- ايران سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، اميد ته ڪامياب ٿينداسين، ايران خلاف آپريشن مڊ نائيٽ هيمر به ڪري چڪا آهيون، آمريڪي صدر ڊونلڊ جون وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهيون، چيائين ، واشنگٽن ڊي سي ۾ فوج جي مقرري ۾ ڏوهن ۾ گهٽتائي آئي، آمريڪي شهر اڳ کان وڌيڪ محفوظ آهي، ري پبليڪن پارٽي کي مڊ ٽرم اليڪشن کٽڻ گهرجي....... 04- ڳالهيون ان صورت ۾ ئي ممڪن ٿينديون، جڏهن اهڙو ماحول قائم ٿئي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جون ڌمڪيون شامل نه هجن ۽ اهڙا مطالبا ڪيا وڃن، جيڪي سمجهه کان ٻاهر هجن، ايران جي صدر مسعود پزشڪيان جو ايڪس تي بيان، چوي ٿو، ايران قومي مفادن جي تحفظ کي مقدم رکندي ڪنهن به امڪاني سفارتي عمل ۾ شرڪت ڪندو، ڳالهيون ايران جي قومي مفادن جي دائري ۾ رهي ڪيون وينديون......... 07-ڪينسر پاڪستان ۾ فوتگين جو ٻيو وڏو ڪارڻ آهي، قومي سطح تي ترت اڳڀرائي جي ضرورت آهي، ڪينسر کي منهن ڏيڻ لاءِ اتحاد، جدت ۽ پائيدار قدمن جي ضرورت آهي، صدر آصف علي زرداري جو ڪينسر جي عالمي ڏهاڙي تي پيغام، چوي ٿو، ٻارن جي ڪينسر تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، جامع قومي حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي، صحت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڪينسر جي بار جو جامع جائزو جاري آهي تحقيق، ڊيٽا ۽ آگاهي ذريعي ڪينسر جا اثر گهٽائڻ لاءِ پرعزم آهيون، صدر پاران شهرين، طبي ماهرن ۽ نجي شعبي کي گڏيل جدوجهد جي اپيل....... 06-نوابشاهه ڀرسان بالو جا قبا ٿاڻي جي حد ۾ بروهي قبرستان مان نوجوان جو ڦاهو لڳل لاش هٿ، مقامي ماڻهن لاش کڻائي اسپتال پهچايو، پوليس پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي،فوتيءَ جي سڃاڻپ تاڪ ڪالوني واسي 25 ورهين جي ثناءُ الله جمالي طور ٿي... 08-ميرپور بٺورو جي کٽي پاڙي ۾ 85 ورهين جي پيرسن عورت جو لاش ھٿ، اطلاع تي پوليس پهچي فوت ٿيل عورت جو لاش اسپتال کڻائي وئي، فوتڻ جي سڃاڻپ ڳوٺ دودو ملاح واسڻ لالي زال سلامي ملاح طور ٿي،ڊاڪٽر موجب، پيرسن عورت جو موت ٿڌ ۽ دل جو دورو پوڻ سبب ٿيو آهي.... 05- ۽ گڏاپ جي ميمڻ ڳوٺ جي خانگي اسپتال ۾ ويم دوران ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب عورت ٻار سوڌو فوت،پورهيت چمن گل جوکيو جي گهرواريءَ کي گذريل ڏينهن ويم لاءِ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو، وارثن جو چوڻ آهي ته طبيعت خراب ٿيڻ تي اسپتال عملي عورت کي ريفر ڪيو، جنهن دوران فوت ٿي وئي، ڊاڪٽرن جي غفلت سبب اسا جي نياڻي ۽ سندس ٻار فوت ٿيا آهن، انصاف ڪيو وڃي.

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio