تازه ترين
پنج سال اڳ سنگرار مان اغوا ٿيل نياڻي پريا ڪماري ڌاڙيل راهب شر جي قيد ۾ هجڻ جو انڪشاف

پنج سال اڳ سنگرار مان اغوا ٿيل نياڻي پريا ڪماري ڌاڙيل راهب شر جي قيد ۾ هجڻ جو انڪشاف، آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍو جو چوڻ آهي ته اطلاع مليا آهن ته پريا ڪماري ڌاڙيل راهب شر جي قيد ۾ آهي، نياڻي جي بازيابي لاءِ 7 ضلعن جي پوليس نفري ڪچي ۾ آپريشن ڪري پئي، سنڌ حڪومت خاص ٽيمون جوڙيون آهن، پنجاب جي بهاولپور واري علائقي ڏانهن به پوليس موڪلي، سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ آگاهي ڏيندي آءِ جي سنڌ چيو ته نياڻي جي موجودگي جو صحيح اطلاع ڏيندڙ لاءِ سنڌ سرڪار 50 لک پريا انعام رکيو آهي، مقامي سيد خاندان سميت هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو، اُميد آهي ته جلد نتيجا سامهون ايندا، سينيٽر دنيش ڪمار ٻڌايو ته پريا ڪماري جي اغوا ۾ علائقي جا بااثر ملوث آهن، نياڻي جي والدين شڪي ماڻهن جا نالا به ڏنا آهن، پوليس انهن بابت چڱي ريت ڄاڻي ٿي.

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio