آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ برفاني طوفان سبب زندگي مفلوج
آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ برفاني طوفان سبب زندگي مفلوج، 7 ڄڻا اجل جو شڪار، واشنگٽن، نيو يارڪ، ٽيڪساس، اوڪلاهوما، نيو جرسي سميت ٻين رياستن ۾ برفباري، نيو يارڪ جي ٻهراڙين ۾ پارو ڪاٽو 49 ڊگري ٿي ويو، آمريڪا ۾ مجموعي طور 16 هزار اڏامون ملتوي، 8 لک ماڻهو بجلي کان محروم، 24 رياستن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، 24 ڪروڙ کان مٿي ماڻهو متاثر ٿيڻ جو خدشو، واشنگٽن ۽ ڀرپاسي ۾ 6 کان 10 انچ برفباري جي اڳڪٿي، اڄ کان آفيسون بند رکڻ ۽ اسڪولن ۾ آن لائن ڪلاسن جو فيصلو، نيو يارڪ جي گورنر ڪيٿي ۽ ميئر زهران ممداني جي پريس بريفنگ، عملدارن موجب، نيو يارڪ جي واٽر ٽائون ۾ پارو ڪاٽو 34 ۽ ڪوپن هيگن ۾ ڪاٽو 49 ڊگري رڪارڊ، نيو يارڪ جي مختلف حصن ۾ 8 کان 18 انچ برف پوڻ جو امڪان، ظهران ممداني ٻڌايو ته شهر ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، عوام غير ضروري نه نڪري.
Designed & Developed by
Aftab Tunio
