پاڪستان سپر ليگ ۾ ٻه نيون ٽيمون حيدرآباد ۽ سيالڪوٽ شامل ٿي ويون
پاڪستان سپر ليگ ۾ ٻه نيون ٽيمون حيدرآباد ۽ سيالڪوٽ شامل ٿي ويون، ايف ڪي ايس گروپ 175 ڪروڙ رپين ۾ حيدرآباد ۽ اوزي ڊيولپرز 185 ڪروڙ رپين ۾ سيالڪوٽ جي ٽيم خريد ڪري ورتي، اسلام آباد جي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ نين ٽيمن جي ٻولي لڳائي وئي، ٻن نين ٽيمن جي شامل ٿيڻ کانپوءِ پي ايس ايل ۾ مجموعي طور تي ٽيمن جو انگ 8 ٿي ويو، پي ايس ايل جي نين فرنچائيزز کي واڌايون، پي سي بي جي طرفان ٽيمن کي مڪمل سهڪار فراهم ڪيو ويندو، پي ايس ايل رڳو آڪشن نه پر سيڙپڪاري تي اعتماد هو، ايندڙ سيڙپڪاري مان حاصل رقم پاڪستان ۾ راندين تي خرچ ڪئي ويندي: پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي پريس ڪانفرنس، آمريڪي ايلچي نيٽلي بيڪر چيو آهي ته کيس آمريڪا جي نمائندگي ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپڪاري ٿئي پئي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا مضبوط ٿي رهيا آهن.
Designed & Developed by
Aftab Tunio
