شعيب ملڪ کان رستا ڌار؟ ثنا جاويد جي انسٽا اسٽوري وائرل
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ پاران اداڪاره ثنا جاويد کان عليحدگيءَ جي خبرن جي ترديد بعد ثنا جاويد جي انسٽا اسٽوري وائرل ٿي وئي آهي. تازو، ثنا جاويد پنهنجي اڪائونٽ تي هڪ انسٽا اسٽوري شيئر ڪئي، جنهن ۾ جوڙي کي بدنظر کان محفوظ رکڻ جي دعا ڪئي وئي هئي. اداڪاره ثنا جاويد اسڪرين شاٽ کي ڪيپشن ڏيندي آمين ثم آمين لکي پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪيو. ياد رهي ته شعيب ملڪ ٽينس اسٽار ثانيا مرزا کان عليحدگيءَ کان ترت پوءِ جنوري 2024 ۾ ثنا جاويد سان شادي ڪئي هئي، جنهن جو اعلان ٻنهي 20 جنوري تي هڪ گڏيل پوسٽ ذريعي ڪيو هو. ان موقعي تي، جوڙي ٻه تصويرون شيئر ڪيون ۽ پوسٽ جي ڪيپشن ۾ الحمدالله لکيو ۽ قرآن شريف جي هڪ آيت پڻ لکي.
Designed & Developed by
Aftab Tunio
