بلاول ڀٽو زرداري جي واشنگٽن ۾ آمريڪن فار ٽيڪس ريفارمز جي تقريب ۾ شرڪت
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي واشنگٽن ۾ آمريڪن فار ٽيڪس ريفارمز جي تقريب ۾ شرڪت، ڪشمير مسئلو جي حل ۽ سنڌ طاس معاھدي جي هڪ طرفي معطلي جي واپسيءَ تي زور، بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته سنڌ طاس معاھدي تحت ڪو به ملڪ هڪ طرفو فيصلو نٿو ڪري سگھي، معاھدي تي گڏيل مشاورت کانپوءِ ئي ڪنهن نتيجي تي پھچي سگھنداسين، سنڌ طاس معاھدي تي ھن وقت ڳالھيون رولڙي جو شڪار آھن، پاڪستان ڀارت خلاف جيڪو ڪجهه ڪيو، پنهنجي دفاع ۾ ڪيو، پاڪ ڀارت جنگبندي نازڪ جنگبندي آھي، ڊگھي مدي واري جنگبندي لاءِ عالمي برادريءَ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪر گهرجي، ڊگھي مدي جي جنگبندي لاءِ ڪشمير مسئلو حل ٿيڻ ضروري آھي
Designed & Developed by
Aftab Tunio