وزيراعظم شهباز شريف جو آبي ذخيرن بابت اجلاس کي خطاب
پاڻي روڪڻ واري ڀارت جي ڌمڪي خلاف قدم کڻڻ چئلينج آهي، دنيا ڀارتي قدمن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت جي ڌمڪين ۾ گهٽتائي نه پر اضافو ٿي رهيو آهي، پاڪ ڀارت جنگ ۾ اسانجي سوڀ ٿي، ان تي الله جو شڪر ادا ڪريون ٿا، پاڪستان هٿان شڪست بعد ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي هٿيار طور استعمال ڪيو، ڀارت جو روايتي جنگ وانگر آبي غرور به مٽيءَ ۾ ملائينداسين، اسانجو فرض آهي ته ايندڙ نسلن لاءِ حڪمت عملي جوڙيون: وزيراعظم شهباز شريف جو آبي ذخيرن بابت اجلاس کي خطاب، سندس چوڻ آهي ته اسانکي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش کي وڌائڻو آهي، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جو اهڙو منصوبو جوڙينداسين جنهن سان ڪو به تڪرار نه ٿئي، اسانکي هاڻي معاشي ميدان ۾ به ڪامياب ٿيڻو آهي، معاشي ميدان ۾ وفاق کي صوبن سان گڏجي بهتر مستقبل جوڙڻو آهي
Designed & Developed by
Aftab Tunio