تازه ترين
ورلڊ سڪس ريڊ سنوڪر: پاڪستان جي اسجد اقبال سلور ميڊل کٽي ورتو

منگوليا ۾ ورلڊ سڪس ريڊ سنوڪر جي فائنل ۾ پاڪستان جي اسجد اقبال ڀارتي جي ڪمل چاولا کي 2-6 تان شڪست ڏئي سلور ميڊل پنهن جي نالي ڪري ورتو. اسجد اقبال پهرين ٻن فريم ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ 13-47 ۽ 18-47 تان ڪاميابي حاصل ڪئي. ڪمال چاولا جي حڪمت عملي ۽ شاندار راند کيس پنهنجي ايندڙ ٽن فريم ۾ 0-64، 0-43 ۽ 20-30 تان شڪست ڏئي ميچ کٽي ورتي. اسجد اقبال ايونٽ ۾ مجموعي طور بهترين پرفارمر رهيو ۽ سلور ميڊل کٽيو. واضح رهي ته 24 سيپٽمبر تي سيمي فائنل ۾ اسجد اقبال ڀارتي ق جي ملڪ سنگهه کي 0-6 تان هارائي ڇڏيو هو. پهرين فريم ۾ اسجد اقبال 18-49 سان ڪاميابي حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ هن سٺي راند جاري رکندي ٻيو فريم 34-38، ٽيون فريم 13-46، چوٿون فريم 31-40، پنجون فريم 13-52 ۽ پنجون فريم 13-52 تان کٽيو. ڇهين فريم 0-45 جي واضح مارجن سان کٽيو ويو.

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio