تازه ترين
سنڌ ڪابينا ڪراچي ۾ 50 اليڪٽرڪ بسون هلائڻ واري معاهدي جِي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي جي شهرين لاءِ خوشخبري، سنڌ ڪابينا ڪراچي ۾ 50 اليڪٽرڪ بسون هلائڻ واري معاهدي جِي منظوري ڏئي ڇڏي،سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت انهن بسن جو ڀاڙو ڏيندي رهندي، 8 سالن کانپوءِ هِي بسون سنڌ حڪومت جي ملڪيت ٿي وينديون، حڪومت ايندڙ ستن سالن لاءِ 825 ملين روپيا هر سال ڏيندي رهندي، هن وقت هِي 50 بسون ٽن روٽن تي هلي رهيون آهن.سنڌ ڪابينا، سنڌ بزنس ون اسٽاپ ون شاپ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، سيڙپڪاري لاءِ ايس بوس جي منظوري، وڏي وزير سيد مراد علي شاه جو چوڻ آهي ته سنڌ بزنس ون اسٽاپ ون شاپ ايس بوس سيڙپڪاريءَ لاءِ هڪ بهترين پلان آهي، سيڙپڪاري لاءِ ايس بوس تاريخ ثابت ٿيندو، اِي لائسنگ پورٽل آڻڻ لاءِ قانون ۾ ترميم ڪنداسين، ڪابينا اوٻاوڙو لاءِ 228 پرائمري استادن جي نوڪرين جي منظوري ڏئي ڇڏي، سولڊ ويسٽ مينيجمينٽ لاءِ 9 ارب 60 ڪروڙ روپين جي منظوري به ڏني وئي، ڪابينا سٽي آف اينجلز لاءِ هڪ سئو ايڪڙ زمين مختص ڪرڻ ۽ اليڪٽرڪ وهيڪلز جي فيس ۾ رعايت جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي، وڏي وزير جو چوڻ آهي ته ملير ايڪسپريس وي جي پوري ٽريڪ جي زمين تان قبضو ختم ڪرايو ويو آهي، ملير ايڪسپريس وي جي زمين تي هڪ انچ به قبضو برادشت نه ڪيو ويندو.سنڌ ڪابينا سپريم ڪورٽ جي روشني ۾ ڪنٽومينٽ بورڊز جي علائقن مان پراپرٽي ٽيڪس اوڳاڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪنٽونمينٽ بورڊز پاران پنهنجي طريقي مطابق پراپرٽي ٽيڪس اوڳاڙي ويندي ۽ ڪنٽونمينٽ بورڊز وارا ٽيڪس جو 2 سيڪڙو چارجز پاڻ رکي باقي سنڌ حڪومت کي ڏيندا، ڪابينا ڪراچي کي حب ڪئنال مان پاڻي جي سپلاءِ وڌائڻ ۽ حب ڪئنال جي بحالي واري منصوبي لاءِ 12 ارب 70 ڪروڙ روپين جي منظوري ڏئي ڇڏي.سنڌ ڪابينا اسٽيل ملز بحالي ۽ خالي زمين تي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وڏي وزير جو چوڻ آهي ته اسان پاڪستان اسٽيل ملز کي نجڪاري کان بچايو آهي، پراڻي اسٽيل مل کي بحال ڪنداسين يا ان جي جاءِ تي نئون پلانٽ لڳائينداسين، اسٽيل ملز جي خالي زمين تي چين جي مدد سان ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون قائم ڪنداسين، ڪائونسل فار هوم بيسڊ ورڪرز قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي، ڪائوسنل فار هوم بيسڊ

خبرون