تازه ترين
ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ عالمي ڪتابن جو ميلو اڄ ٻئي ڏينهن به جاري

ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ عالمي ڪتابن جو ميلو اڄ ٻئي ڏينهن به جاري آهي، ميلي ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ مردن ۽ عورتن سان گڏ ٻار به دلچسپي وٺي رهيا آهن. ڪراچي انٽرنيشنل بڪ فيئر ۾ پاڪستان جي مختلف شهرن کانسواءِ چين، ملائيشيا، ڀارت، سنگاپور سميت مختلف ملڪن جي پبلشرز جا اسٽارز لڳايا ويا آهن. صبح جو 10 وڳي کان رات نائين وڳي تائين جاري رهندڙ عالمي ميلي ۾ ڪتاب رعايتي ملي رهيا آهن جڏهن ته هـِي ميلو 16 نومبر تائين جاري رهندو.

خبرون