تازه ترين
سنڌ جا خانگي اسڪول به 11 آگسٽ تي کلندا، پرائيوٽ اسڪولز ايسوسيئيشن حڪومتي فيصلو مڃي ورتو

پرائيوٽ اسڪولز ايسوسيئيشن سنڌ حڪومت جو فيصلو مڃيندي سمورا اسڪول يارنهن آگسٽ تي کولڻ جو اعلان ڪيو آهي، اهڙي اعلان بعد ٻارڙن ۽ والدين جي پريشاني ختم ٿي وئي آهي. ڪمشنر ڪراچي شعيب صديق سان پرائيوٽ اسڪولز ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. ڪمشنر ڪراچي سان ملاقات بعد پرائيوٽ اسڪولز ايسوسيئيشن سمورا اسڪول يارنهن آگسٽ تي کولڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرائيوٽ اسڪولز ايسوسيئيشن جي اڳواڻ خالد شاه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو سنڌ حڪومت جو فيصلو تسيلم ڪن ٿا ۽ سمورا اسڪول يارنهن آگسٽ تي کوليا ويندا. سندس چوڻ هو ته اڄ ڪو به اسڪول نه کوليو ويندو سمورا اسڪول حڪومتي فيصلي تحت 11 آگسٽ تي ئي کوليا ويندا. ڪمشنر ڪراچي شعيب صديق چيو آهي ته معاملو حل ٿيڻ تي هو پرائيوٽ اسڪولز ايسوسيئيشن جو ٿورائتو آهي.

خبرون